Apr 14, 2009

سورهيه بادشاهه جي مدفن وارو معاملو ۽ ڪجھه حقيقتون

لکندڙ: نبي بخش شر/گرهوڙ شريف

(روزاني ڪاوش، حيدرآباد ـ 14 اپريل 2009)

سورهيه بادشاهه جي مدفن جي حوالي سان دوست نواز ڪنڀر ڪاوش ۾ جيڪو ڪالم لکيو آهي، انهيءَ ڪالم کانپوءِ ماڻهن ۾ ڪافي بحث هلڻ شروع ٿيو، ته سورهيه بادشاهه ڪٿي مدفون آهي؟ ان حوالي سان ٻه هنڌ مشهور آهن، هڪ ايسٽولا ٻيٽ ۽ ٻيو ڪراچي کان 7 ڪلاڪن جي سفر تي چرڻيو جبل، جنهن لاءِ مقامي ملاحن جو چوڻ آهي ته، انگريز سرڪار سورهيه بادشاهه جي ميت سندن  وڏن ملاحن کي ڏني هئي ته اها ميت هو سمنڊ ۾ لوڙهي ڇڏين، پر انهن ملاحن سورهيه بادشاهه جي ميت سمنڊ ۾ لوڙهڻ بجاءِ کيس چرڻيو جبل تي دفن ڪري ڇڏيو ۽ جڏهن انگريز سرڪار کي ان ڳالهه جي خبر پئي ته انگريزن انهن 6 ملاحن کي ڦاسي چاڙهي ڇڏيو هو، جن جون قبرون به هو ڏيکارين ٿا. اڄ به هوڙهن ذريعي شڪار ڪندڙ ملاحن جو عقيدو آهي ته، جڏهن به سمنڊ ۾ طوفان ايندو آهي ته  ملاح اهو چئي چرڻيو جبل ڏانهن ڀڄندا آهن ته هلو هلي سورهيه بادشاهه جي سام ٿيون ۽ پوءِ انهن ملاحن کي ڪجهه به ناهي ٿيندو، مون  پڻ اهي قبرون ڏٺيون آهن، اتي اٽڪل  7 يا 8 قبرون آهن، جن مان هڪ سورهيه بادشاهه جي چئي وڃي ٿي، اتي هڪ مجاور به آهي، جنهن کي پاڻي ۽ کاڌو ملاح پهچائيندا آهن. 1998ع ڌاري ڪجهه دوستن جي مدد سان ايسٽولا ٻيٽ جي تحقيق ڪئي وئي، انهن دوستن ۾ ڊاڪٽر نرمل ڪمار مهراج، جاپان جو جاماري يامان ڪا ذوڪي، لعل محمد بلوچ ۽ جميل احمد بلوچ شامل آهن، انهيءَ تحقيق موجب بلوچستان جي شهر پسني کان ڏکڻ ۽ اوڀر جي ڪنڊ طرف اٽڪل 40 ناٽ، مطلب سامونڊي ڪلوميٽر لانچ ذريعي وڃڻو ٿو پوي، جتي ايسٽولا ٻيٽ آهي، جنهن کي بلوچ هفته لعل، سنڌي ست لعل ۽ هندي ۾ ساتا ديپ چوندا آهن، اسٽولا ٻيٽ جي ڪناري واري پاسي جتان ماڻهو مٿي ويندا آهن، انهيءَ کي مقامي ماڻهو بالادار چوندا آهن، بالادار جي سامهون جبل تي برٽش سرڪار پاران هڪ ٽاور لڳايل آهي، جنهن ۾ جهازن کي رستو ڏسڻ لاءِ بلب به لڳل آهي، انهيءَ بلب کي چيڪ ڪرڻ لاءِ هڪ ملازم به رکيل آهي، انهيءَ کي انهيءَ ٽاور تائين پهچڻ لاءِ ٽاور ۾ رسو به ٻڌل آهي، پر هن وقت پاڪستان جي حڪومت ڪجهه فاصلي تي رستو ٺاهي ڇڏيو آهي، جڏهن اسان انهيءَ ٽاور وٽ پهچداسين ته اتي ٽڪري ۾ هڪ غارآهي، جتي هندو ڌرم موجب ڪالي ماتا جو مندر آهي ۽ انهيءَ جا آثار به آهن. ان کان ٿورو ڏکڻ طرف هڪ تڪيو ملندو، جنهن لاءِ به اهو چيو ويو ته اتي لطيف سائين آيو هو، توهان جڏهن مٿي ويندو ته اتي بي بي حوا جي نالي سان هڪ مسجد ۽ حضرت خضر جي نالي مقبرو ملندو، جيڪي سمنڊ ۾ شڪار ڪندڙ ماڻهن ٺهرايا آهن، انهيءَ مسجد ۽ مقبري ۾ ٻيو ڪجهه به ناهي، اتي هڪڙي هنڌ قلندر لعل شهباز جو تڪيو به آهي ۽ ڪجهه مفاصلي تي هڪ مزار جو نشان موجود هو، مقامي ماڻهن جو چوڻ هو ته هي سنڌ جي وڏي پير جي تربت آهي. انهن جو مطلب شايد سورهيه بادشاهه ڏانهن هجي، اتي تحقيق لاءِ ويل دوستن جيڪي تصويرون ورتيون اهي به سرڪاري اهلڪار کانئن ڦري ويا هئا، پر پوءِ به جاپاني دوست جي گذارش تي ڪجهه نقشا ۽ تصويرون ڇڏيون هيائون، پر انهن تصويرن ۾ سورهيه بادشاهه جي مزار واري تصوير نه ملي هئي، پر جيئن ته ڳالهه اڄ به منجهيل آهي، ته هاڻ اسان اها مزار  چوڻيو جبل واري مڃون يا ايسٽولا ٻيٽ واري؟ هاڻ اسٽولا ٻيٽ جو ڪافي ذڪر اچي ويو آهي، ٿوري معلومات هن ٻيٽ مطابق هيءَ ته هن جي ڊيگهه 3 ڪلوميٽر، ويڪر ڏيڍ ڪلوميٽر ۽ مٿان اهڙو سڌو آهي جهڙو هيلپيڊ هجي، هتي ڪو به ماڻهو مستقل نٿو رهي، باقي مڇي جي شڪار خاص ڪري گانگٽ يا جهينگو مڇي جا شڪاري هتي اچن ٿا، جن کان معلومات وٺي سگهجي ٿي، هن ٻيٽ جي هڪ طرف کان ڪارو سمنڊ آهي، جتي ڪو به جاندار نٿو وڃي ۽ ٻئي طرف کان سائو سمنڊ آهي، جتان ماڻهو  سفر ڪن ٿا، هن ٻيٽ ۽ سمنڊ متعلق معلومات جاپان جي سياهه جا ماري يامان ڪا ذوڪي هڪ ڪتاب ۾ گڏ ڪئي هئي، پر اهو ڪتاب صرف ڪوئيٽا جي لائبريري ۾ موجود آهي، جيڪو جاپاني زبان ۾ آهي، هڪ ترجمو ٿيل انگريزي ۾ ڪتاب ڊاڪٽر مهراج نرمل ڪمار وٽ آهي ۽ ڪجهه تصويرون به.


Most popular articles